بدين(رپورٽر) تلهار مان اغوا ٿيل نابالغ هندو نينگري کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي، نينگري بيني جي ماء مروان ڪولھي روئيندي چيو ته ڊي ايس پي بدين پاران ٻن ڏينهن جي ورتل مهلت کي چار ڏينهن گذري ويا پر منهنجي اغوا ٿيل نياڻي کي اڃان تائين بازياب نه ڪرايو ويو، اغوا ٿيل نينگري جي ماءُ مروان ڪولھي برادري سان گڏ ايوان صحافت بدين ۾ پريس  ڪانفرنس دوران اوڇنگارون ڏيندي رڙيون ڪري ٻڌايو ته سندس نياڻي بيني ڪولهي کي کوسا برادري جي دلبر کوسو، موسيٰ کوسو، شريف کوسو، علو کوسو اشفاق کوسو، زاھد کوسو، شهباز رند، سلطان کوسو، اياز کوسو زمين تي گاهه ڪرڻ دوران هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جنھن لاءِ احتجاج ڪرڻ کان پوءِ تلهار پوليس  صرف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس تلهار جي  ايم پي اي جي ناٺي عطا محمد ٽالپر جي ونگار وهندي جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ ايس ايس پي بدين بااثر ايم پي اي آڏو بيوس بنيل آھي، نينگري جي امڙ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سندس نياڻي کي ازاد ڪرايو وڃي، ھنن چيو ته جيڪڏھن سندن نياڻي کي سومر تائين بازياب نه ڪرايو ويو ته سومر ڏينهن ايس ايس پي آفيس آڏو پنهنجي مڙس سان گڏ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندا جنهن جا ذميوار ايس ايس پي بدين ايس ايچ او تلهار وڏو منشي تلهار هوندا.