ڄامشورو(رپورٽر) پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي مناسبت سان سروري تنظيم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ خاص تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب دوران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي، شهيد راڻيءَ جي جدوجهد ۽ قربانين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي مخدوم سعيد الزمان “عاطف” چيو ته بينظير ڀٽو رڳو هڪ نالو نه، پر هڪ فڪر، جرئت، جمهوريت ۽ بي بها جدوجهد جي علامت هئي. شھيد راڻيءَ ملڪ ۾ عورتن کي رڳو آواز نه ڏنو، پر اقتدار جي دروازن تائين پهچايو. سندس شهادت جمهوريت لاءِ قربانيءَ جو اهڙو مثال آهي، جنهن کي تاريخ هميشه ياد رکندي.”مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو سياسي ويزن ۽ عوام سان بي مثال محبت، سنڌ جي هر باشعور دل ۾ اڄ به زنده آهي. سروري تنظيم سدائين شهيد محترمه جي فڪر جي پيروي ڪندي، جمهوريت جي واٽ تي هلندي رهندي
. تقريب جي آخر ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي روح جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي.