خيرپور(رپورٽر) بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اسڪل ڊيولپمينٽ خيرپور ۾ ٽن بيچن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگري ڏيڻ جي حوالي سان پهريون ڪانووڪيشن ٿيو، پهرين ڪانووڪيشن ۾ يونيورسٽي چيئرمين ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن تنزيلا ام حبيبان قمبراڻي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه، خورشيد احمد شاهه سميت ٽن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن محمد يوسف خشڪ، فيض الله عباسي ۽ زاهد حسين کنڊ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي قائم علي شاهه، خورشيد احمد شاهه، نفيسه شاهه، تنزيلا ام حبيبان ۽ وي سيز خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن گريجوئيٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ انتهائي اهم آهي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اڄوڪي ڏينهن تي سندن ڪيل محنت جي نتيجي ۾ ڊگري ۽ مختلف ميڊلز سان نوازيو ويو آهي، هنن چيو ته موجودهه وقت ۾ ٽيڪنيشن ۽ ٽيڪنالاجي وارو تجربو رکندڙ ماڻهن جي انتهائي ضرورت آهي، شاگردن ۽ نوجوان طبقي کي ٽيڪنالاجي واري شعبي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور ۾ سڀني گريجوئيٽ شاگردن کي گهرجي ته اهي اهڙو ڪم ڪن جنهن سان ايندڙ نسلن کي فائدو ٿئي، هنن چيو ته يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيشن ۾ 176 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏئي کوڙ سارا مڊل ڏنا ويا آهن، پهرين ڪانووڪيشن ۾ پهرين پوزيشن سميت ٽي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن علي حيدر، ابراهيم، مشاهد حسين، حيدر علي، مس امبر زهرا سميت ٻين کي گولڊ مڊل سان نوازيو ويو آهي، جڏهن ته ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙن کي برائونزي ميڊل ۽ سلور ميڊل پڻ ڏنا ويا آهن. تقريب جي آخر ۾ آيل مهمان سيد قائم علي شاهه، سيد خورشيد شاهه، تنزيلا ۽ ٻين کي بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر رسول بخش مهر تعريفي شيلڊون ڏنيون.