لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻه ڏينهن اڳ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيئر نيورو سرجري پروفيسر اڪبر ڀنڊ جي درخواست تي 29 سيپٽمبر تي يونيورسٽي جي سينيئر پروفيسر آف نيورو سرجري پروفيسر اڪبر ڀنڊ جي پٽيشن تي يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر حاڪم علي ابڙو کي عهدي تان هٽائي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز طرفان جاري ڪيل وقتي وائيس چانسلر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت حڪم ڏنو هو ته يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ کي نئون وقتي وائيس چانسلر مقرري جي آزادي حاصل آهي اهڙي فيصلي سان  سنڌ حڪومت کي نئين وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ پيچيدگين جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي. وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب شهيد محترمه بينظير يونيورسٽي جي موجوده سينڊيڪيٽ جي اٺن حصن مان صرف پنج حصا فعال آهن ۽ ٽي حصا فعال ناهن انهن مان وائيس چانسلر جو پنهنجو عهدو به آهي. جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ معطلي واري فيصلي بعد، ٻيو يونيورسٽي ايلومني جو واحد سينڊيڪيٽ ميمبر به يونيورسٽي وٽ ناهي، ٽيون يونيورسٽي جا ملڪ کان ٻاهر ڪنهن به اداري جا ٻه پروفيسر سطح جي ميمبرن جو به حصو فعال ناهي ان ڪري سينڊيڪيٽ جي اٺن حصن مان ٽي فعال نه هئڻ ڪري سينيٽ جي امڪاني اجلاس ۾ ڪنهن به فيصلي کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل نه هوندي جڏهن ته يونيورسٽي جو آخري ۽ چوٿون سينڊيڪيٽ جو اجلاس چئن سالن کانپوءِ گذريل سال 21 سيپٽمبر 2021ع تي ٿيو جنهن جا منٽس اڄ تائين جاري نه ڪيا ويا آهن،  ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جي آفيس سميت يونيورسٽي پاران ڪيترائي ڀيرا سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کي لکي آگاهه به ڪيو ويو. ته جيستائين گذريل سينڊيڪيٽ جا منٽس جاري نه ڪيا ويندا، تيستائين قانون موجب سينڊيڪيٽ جو نئون اجلاس ممڪن ناهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سينڊيڪيٽ جو اجلاس ون پوائنٽ ايجنڊا تي به نه ٿو ٿي سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن جي ايندڙ ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تي ٿيندي، ياد رهي ته سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز پاران سنڌ جي وڏي وزير کي موڪليل سمري ۾ پروفيسر اڪبر ڀنڊ کي اعليٰ ترين يونيورسٽي قرار ڏنو ويو هو پر سنڌ جي وڏي وزير پروفيسر حاڪم علي ابڙو کي چوٿين پوزيشن تي هوندي کيس وائيس چانسلر طور مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.