نوابشاهه (رپورٽر) پ پ ايم اين اي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه پھتي، زرداري ھائوس نوابشاهه پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر فريال ٽالپر سان زرداري ھائوس نوابشاهه ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنھن ۾ ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ 27 ڊسمبر تي شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي تي ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان ويچاريو ڪيو ويو ۽ نوابشاهه واري تڪ جي عوام ۽ ڪارڪنن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو.