اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آڊٽ اختيارين پاران سنڌ ٻج سبسڊي تي ٻه ارب رپين جون بي ضابطگيون ٿيڻ جو انڪشاف، پي اي سي اهو مامرو سنڌ حڪومت سان اٿارڻ جي آڊٽ اختيارين کي هدايت ڪري ڇڏي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 27 هزارن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ زال مڙس ٻنهي کي مستحق طور رقم ملڻ، مستحقن جي اڪائونٽ مان 35 ڪروڙ نڪرڻ جو انڪشاف، جڏهن ته سرڪاري ملازمن ۽ پنشنرن جي گهروارين کي ڪروڙين رپيا روڪ رقم طور ڏيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، تفصيل موجب جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي گهروارين کي روڪ رقم ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو، آڊٽ اختيارين ڪاميٽي کي ٻڌايو ته 7 ڪروڙ 90 لک رپيا پينشنر جي گهروارين کي ڏنا ويا. ان مان فائدو گريڊ 18 کان گريڊ 20 تائين جي ملازمن جي گهروارين کي به ڏنو ويو، ڪاميٽي ميمبرن اهڙن آفيسرن جا نالا منظر تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي مستحقن جي اڪائونٽ مان 35 ڪروڙ رپيا ڪڍڻ جو به انڪشاف ٿيو، بينظر انڪم سپورٽ جي سيڪريٽري چيو ته اسان کي ٽن مهينن جو وقت ڏنو وڃي جئين انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪيون پوءِ اهو مامرو نيب يا ايف آءِ اي حوالي ڪيو وڃي، پي اي سي ٽن مهينن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا 27 هزار 266 ڪيس  اهڙا آھن جن ۾ زال مڙس ٻنهي کي رقم ڏني وئي، پي اي سي ان حوالي سان هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، آڊٽ اختيارن پي اي سي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ سيڊ سبسڊي جي مد ۾ ٻه ارب جي لڳ ڀڳ رقم ۾ بي ضابطگيون سامهون آيون آھن، بينظر انڪم سپورٽ جي سيڪريٽري چيو ته ان جو جواب سنڌ حڪومت ڏئي سگهي ٿي، نويد قمر چيو ته ان مامري ۾ بينظير انڪم سپورٽ جو فنڊ استعمال نه ٿيو آھي، جنهن تي پي اي سي مامرو سنڌ حڪومت سان اٿارڻ جي آڊٽ کي هدايت ڪري ڇڏي، اپوزيشن ليڊر  عمر ايوب پاران ثناءُ الله مستي خيل جي گهر مان بجلي جو ميٽر لاهڻ وارو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر اٿاريو ويو. عمر ايوب چيو ته: ثناءُ الله مستي خيل جي گهر مان ميٽر لاهڻ جو معاملو هاڻي ڪاميٽي جي اختيار ۾ آهي. مان هي معاملو منطقي انجام تائين پهچائيندس. ڇا ڪو به معاملو اٿارڻ تي اسان جا  ميٽر لاٿا وڃن؟. چيئرمين واپڊا جي اچڻ تائين اسان کي ميٽنگس نه ڪرڻ گهرجن. چيئرمين واپڊا اچي ۽ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏئي. چيئرمين پي اي سي چيو ته فيصلو ٿيو هيو ته اسپيڪر، ذيلي ڪاميٽي، اسپيڪر ۽ چيئرمين سينيٽ سان ڳالهائي. چيئرمين واپڊا جي آفيس مان خط آيو هو،  مون کي انهيءَ خط بابت خدشا آهن، ان خط ۾ ڪاميٽي جي خلاف شڪايت ڪئي وئي آهي، اسان احتجاج جي باوجود ڪاميٽي هلائي رهيا آهيون. ثناءُ الله مستي خيل کي ڪالز آيون، پر اسان ڪنهن کان نٿا ڊڄون، اڄ ذيلي ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا ان ڳالهه جو فيصلو ڪندي. سيد نويد قمر چيو ته اسان هن معاملي تي  ڪاميٽي سان گڏ  آهيون. امين الحق چيو ته اسان جي پارٽي به ڪاميٽي سان گڏ آهي.  بلال احمد خان چيو جيڪڏهن چيئرمين واپڊا کي اسان جي ڳالهه نٿي وڻي ته اسان ڪاميٽي ڇڏي ڏينداسين. چيئرمين پي اي سي چيو ته چيئرمين واپڊا کي نه، ڪنهن ٻئي کي اسان جي ڳالهه خراب لڳي آهي.