اسلام آباد: نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. بي آءِ ايس پي پروگرام جي بجيٽ ۾ 21 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، ناڻي جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪفالت پروگرام کي هڪ ڪروڙ ماڻهن تائين پهچايو ويندو، تعليمي وظيفا به وڌايا ويندا ته جيئن هڪ ڪروڙ 20 لک ٻار فائدو وٺي سگهن.