ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي بحالي لاءِ شهيد بينظير آباد ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر  کي وڌيڪ 5 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان ڪالهه ناڻي کاتي جي اختيارين شهيد بينظير آباد ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي 5 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن، جنهن بعد شهيد بينظير آباد ضلعي کي مجموعي طور تي جاري ڪيل رقم جو انگ 11 ڪروڙ 10 لک رپيا ٿي ويو آهي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي 30 ضلعن ۾ انتظاميا  کي هن وقت تائين مجموعي طور تي هڪ ارب 35 ڪروڙ 95 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن