لاهور(شوبزنيوز) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان ۽ سندس اڳوڻي گهرواري عليزي سلطان ۾ عليحدگي بعد سوشل ميڊيا تي بنا نالو کڻڻ جي ويڙهه ٿي آهي ۽ هنن هڪ ٻئي تي ٽوڪون ڪيون آهن. انسٽاگرام تي عليزي سلطان معنائتي انسٽا اسٽوري شيئر ڪئي جيڪا ڪيترن ئي پيجن تي وائرل ٿي وئي. عليزي نالو کڻڻ کانسواءِ اڳوڻن ساهرن تي ڏيکاءُ جو الزام هنيو ۽ لکيو ته جڏهن ٻار بيمار ٿيندا آهن ته هو انهن کي منهنجي در تي ڇڏي فرار ٿي ويندا آهن. اها اسٽوري اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن فيروز ۽ سندس ٻي گهرواري ڊاڪٽر زينب عليزي جي ننڍي ڌيءُ فاطمه سان گڏ فوٽو شيئر ڪيو هو. جنهن تي صارفين ڊاڪٽر زينب جي ساراهه ڪئي هئي. عليزي جي جواب ۾ فيروز لکيو ته توجه گهرجئي اسٽار بڻائي ڇڏيانءِ؟