حڪومت سان اڃا به ڳالهيون جاري آهن: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر جي تصديق، بئرسٽر گوهر ۽ بئرسٽر سيف اڊيالا جيل ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪئي، بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني سان اهم ملاقات ٿي آهي، باني جي احتجاج جي ڪال فائنل آهي، احتجاج ڪال آف واري ڪا به ڳالهه نه آهي، ڳالهين بابت سوال تي بئرسٽر گوهر چيو ته ان تي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڳالهيون هلي رهيون آهن.