اسلام آباد (م ڊ) بيرسٽر گوهر تحريڪ انصاف جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو. عمر ايوب بنا مقابلي جنرل سيڪريٽر ي چونڊجي ويو آهي. پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد پي ٽي آءِ پنجاب جي صدر چونڊجي وئي آهي، جڏهن ته علي امين گنڊاپور خيبرپختونخوا ۽ حليم عادل شيخ سنڌ جو صدر چونڊيو ويو آهي. پي ٽي آءِ بلوچستان جي صدارت جي سيٽ تي انٽراپارٽي اليڪشن ڪوئٽا ۾ ٿيندي. انٽراپارٽي اليڪشن جي حتمي نتيجي جو اعلان 3 مارچ تي ٿيندو.