نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ ڳوٺ ۾ ظالم پٽ وقت تي کاڌو نه ڏيڻ تي ماءُ کي باهه ڏئي ڇڏي. مهاراشٽرا پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته 26 ورهين جي پٽ انڊسٽريل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ مان گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي آهي پر في الحال بيروزگار آهي. پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته پٽ رات جي کاڌي لاءِ انتظار ڪري رهيو هو ته کاڌي ۾ دير تي ڪاوڙ ۾ اچي ماءُ سان وڙهڻ لڳو ڳالهه ايتري حد تائين وڌي وئي جو پهريان پٽ ماءُ کي لٺ سان تشدد ڪيو ۽ پوءِ گهلي گهلي گھر کان ٻاهر ڪڍي ويو جتي هن پنهنجي ماءُ تي تشدد ڪيو ۽ پوءِ کيس باهه ڏئي ڇڏي. واقعي جي خبر پوندي ئي پاڙيسري اتي گڏ ٿي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي زخمي عورت کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس  موجب ماءُ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل ڪرڻ  بعد جوابدار ٻيلي ۾ وڃي لڪي پيو جنهن جي ڳولا ۾ پوليس جڏهن اتي پهتي ته هو پوليس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي ڇڪتاڻ کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيو.