بيجنگ (م ڊ) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ اومي ڪرون جي پهرين ڪيس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ شهر  اندر داخل ٿيڻ وارن قائدن ۽ ضابطن ۾ وڌيڪ سختي ڪئي وئي، جڏهن ته گادي واري شهر ۾ داخل ٿيندڙن کي  72 ڪلاڪ اڳ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن بيجنگ جي ضلعي هايديان ۾ ڪورونا جي نئي قسم اومي ڪرون جي مقامي منتقلي جو  پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو، اومي ڪرون جي تصديق ٿيڻ بعد متاثر شهري جي اپارٽمينٽ ۽ آفيس کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي هنڌن تي 2430 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. رپورٽس موجب بيجنگ ۾ نيون سفري پابنديون 22 جنوري کان مارچ تائين لاڳو رهنديون، جڏهن ته بيجنگ ۽ ان جي ويجهي صوبي هيبي ۾ 7 فيبروري کان اولمپڪس ٿيڻي آهي. ٻئي پاسي بيجنگ جي ويجهي شهر تيانجن ۾ وڏي پيماني تي ٽيسٽنگ جي ٽئين مرحلي ۾ اومي ڪرون جا وڌيڪ 59 ڪيس سامهون آيا آهن، چين ۾ اومي ڪرون جا ڪيسز 5 صوبن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته  جرمني، اٽلي، آسٽريا، فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا. جرمني جي مختلف شهرن ۾ هزارين شهرين گذريل ڏينهن شام جو ڪورونا ويڪسينيشن بابت ضابطن جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا. اهڙا ئي مظاهرا جرمني کانسواءِ فرانس، اٽلي، آسٽريا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ به ڪيا ويا. جرمن چانسلر اولاف شولس تازو ئي تجويز پيش ڪئي هئي ته ملڪ ۾ سڀني بالغ ماڻهن لاءِ ڪورونا جي خلاف ويڪسينيشن لازمي هجڻ گھرجي. جرمن حڪومت چاهي ٿي ته هلندڙ مهيني آخر تائين ملڪ جي80 سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن مڪمل ٿي وڃي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي چ24 ڪلاڪن دورنا جرمني ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو نئون رڪارڊ ڏسڻ ۾ آيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران جرمني ۾ ڪورونا وائرس جا ساڍا 52 هزار کان وڌيڪ انفيڪشنز ۽ 47 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.