بونير (م ڊ) بونير ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جا 4 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، دستي بم، هٿيار، بارود هٿ ڪيو ويو، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي موجب گرفتار دهشتگردن افغانستان ۽ ڪرم ۾ تربيت حاصل ڪئي، ٽارگيٽ ڪلرز کي هدايتون افغانستان کان مفتي سجاد ڏيندو هو.