راولپنڊي (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي بونير ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 2 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز بونير ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گهربل دهشتگرد سليم مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۾ حوالدار مدثر ۽ لانس نائيڪ حسيب جاويد شهيد ٿي ويا.