لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا اُشنا شاهه چيو آهي ته سندس لباس يا ڄنگهون ڏيکارڻ تي مڙس کي ڪو مسئلو ناهي پر پاڪستانين جو دماغ خراب ٿي ويندو آهي. اداڪارا سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ مٿس تنقيد ڪندڙن کي ست سريون ٻڌائيندي پاڪستانين کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو. اشنا شاهه پاڪستانين تي تنقيد ڪندي چيوته هڪ پاسي ته پاڪستاني مسلمان نرگس فطري جي آئٽم گانا شوق سان ڏسندا ۽ انهن تي نچندا آهن، ٻئي پاسي هو سندس لباس تي کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن. اداڪارا چيو ته سندس پرورش ڪئناڊا جهڙي ملڪ ۾ ٿي جتان جي تربيت پاڪستان کان مختلف آهي جڏهن ته هن اهڙي ئي ماحول ۾ تربيت حاصل ڪندڙ اڇي چمري واري مرد سان شادي ڪئي آهي جيڪو هن جيان لبرل ۽ هاڪاري سوچ رکندڙ آهي. سندس چوڻ هوته هن ۾ ۽ پاڪستانين ۾ اِهو ئي فرق آهي ته سندن تربيت مختلف ماحول ۾ ٿي پر هوءَ پاڪستانين جي منافقت تي حيران آهي. اشنا شاهه وڌيڪ چيو ته هوءَ هاڻي پنهنجي مرضي سان زندگي گذاريندي، هوءَ هاڻي معافي نه گهرندي ۽ پاڪستاني ڀلي آئٽم سانگز ڏسن يا فحش وڊيوز هوءَ سندن منفاقت کان نه ڊڄندي ۽ نه ئي ان تي تبصرو ڪندي.