سموت پراڪان (انٽرسٽنگ نيوز) ٿائيلينڊ ۾ هڪ 30 سالن جي فيڪٽري ورڪر ان وقت فوت ٿي وئي جڏهن سندس مينيجر هن جي بيماري جي موڪل جي درخواست قبول نه ڪئي
بنڪاڪ پوسٽ موجب عورت جنهن جي سڃاڻپ مائي جي نالي سان ٿي آهي، ٿائيلينڊ سموت پراڪان صوبي ۾ هڪ اليڪٽرانڪس پلانٽ ۾ ملازم هئي. 30 سالن جي عورت پهريون ڀيرو 5 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر تائين ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ سان گڏ موڪل ورتي هئي هن پنهنجو علاج ڪرائيندي اسپتال ۾ 4 ڏينهن گذاريا
ڊسچارج ٿيڻ کانپوءِ مائي وڌيڪ 2 ڏينهن موڪل ورتي ڇوته هوءَ بهتر محسوس نه ڪري رهي هئي، ان کانپوءِ عورت وڌيڪ هڪ ڏينهن بيماريءَ لاءِ موڪل ورتي
اهو چوندي ته سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، پر مينيئر هن کي موڪل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته آفيس اچڻو پوندو اهو به ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ سان گڏ، ڏاڍي بيمار هئڻ جي باوجود، مائي پنهنجي نوڪري وڃائڻ جي پريشانيءَ ۾ ڪم تي هلي وئي
بهرحال، هوءَ صرف 20 منٽن تائين ڪم ڪرڻ کان پوءِ زمين تي ڪري پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي وئي