بوزدار وڏا(ن پ ا) بوزدار وڏا ۾ جسقم مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪلاڻي، فقير امداد منگي، اڪبر مڪول، جساف مرڪزي چيف آرگنائزر عبدالحنان عباسي، رشيد سنڌي، سنڌ هائوس بوزدار وڏا پهتا، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، جنهن بعد سنڌ هائوس بوزدار وڏا کان ضلعي خيرپور چيف آرگنائيزر مجيب آزاد ڀيلارم ڪرم خان سامٽيو، جساف ضلعي خيرپور صدر اشفاق مھر، ڪامريڊ مير حسن بوزدار، ڪامريڊ سفير سامٽيو، فراز مھر، اميد علي خاصخيلي، ڪامريڊ رياض خاصخيلي، جيئي سنڌ محاذ ضلعي خيرپور صدر ڪامريڊ ظفر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ هائوس کان ناڪا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جو جياپو آھي سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاھي سنڌي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، سنڌ جي ماڻھن کي درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف گھرن مان نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي وارن اقتدار جي لالچ خاطر سنڌو دريءَ تي ڪئنال اڏڻ جي اجازت ڏني ھاڻي عوامي رد عمل ڏسي مخالفت جا ھوڪا ڏيئي سنڌ جي عوام کي ڌوڪو ڏيئي رھي آھي سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون ڪمپنين حوالي ڪري سنڌ کي تباھه ڪيو پيو وڃي، سر سبز سنڌ کي بنجر بنائڻ لا۽ ريگستاني ۽ پنجاب جو بنجر زمينون آباد ڪري سنڌين کي مالي ۽ معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنھن جي اسان ڀرپور مخالفت پيا اچون هميشه ڪنداسين سنڌو درياھ تي ڪو به ڊئم يا ڪئنال اڏڻ نه ڏينداسين سنڌو اسان جو ساھه ۽ جياپو آھي جنھن خلاف جيستائين سسي ۾ ساھه آھي تيستائين مزاحمت ڪنداسين هن چيو  ته21 فيبروري تي ٻٻرلو باءِ پاس وٺان روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو جنهن ۾ بوزدار وڏا ٿوري توڙي ڀرپاسي وارن جي ماڻهن کي ڀرپور شرڪت جي دعوت پيش ٿي ڪجي هن احتجاجي ريلي ۾ بوزدار وڏا توڙي ٻهراڙي جي ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي.