بوزدار وڏا(ن پ ا) بوزدار وڏا ڀرسان ڳوٺ تلي بھڻ واسي 15 ورهين جو نينگر ابوبڪر سروري ٻڪريون چاريندي ڳوٺ ڀرسان بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي هو ٻڪريون چارڻ لاءِ نڪتو جيڪو واپس نه آيو، ڪافي ڳولا ڪئي پر پتو نه پيو، بعد ۾ ڳوٺ ڀرسان بيٺل پاڻي مان لاش هٿ آيو، هوڏانهن بوزدار وڏا پوليس جو چوڻ آهي ته پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نينگر جي وارثن واقعي کي اتفاقي قرار ڏنو آهي.