بوزدار وڏا (ن پ ا) بوزدار وڏا ڀرسان علي آباد تلي اسڪول ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين نازيا شينو، سمبل سومرو، ماريا سومرو، صغريٰ، اقرار ملاح، عصمت ملاح، جيجل سومرو، مديحه اختر ملاح، تحرا فاطما ابوپوٽو، عبدالله بھڻ، احسن شينو، صائما ابوپوٽو ۽ ٻين حمد، قومي گيت پيش ڪيا ۽ تقريرون ڪيون، جڏهن ته سنڌو درياھ مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف ٽيبلو پيش ڪيو ويو، تقريب ۾ اسد ٽالپر، شڪريه سومرو، شفيق احمد مھراڻي، نادر ڪيريو، غلام حيدر خاصخيلي، ڪاشف ٽالپر، اڪبر ڏھر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.