ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار احد رضا مير پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ساٿي اداڪاره سان لاڳاپن جي افواهن تي ڪنهن قسم جي راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، احد رضا مير جو صحافي مليحه رحمان انٽرويو ڪيو، جنهن ۾ هن اداڪار کان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ افواهن بابت پڇيو، مليحه اداڪاره رمشا خان جو نالو وٺڻ کان سواءِ سوال ڪيو ته سوشل ميڊيا تي اوهان جون تصويرون سامهون اينديون آهن، جن تي مداحن جي ذهنن ۾ خيال ايندو آهي ته ڇا هي سنگل آهن؟ ڇا اوهان انهن سوالن جو جواب ڏيڻ چاهيندا؟ جواب ۾ احد رضا مير چيو ته مان بور قسم جو انسان آهيان، مون کي نٿو لڳي ته ماڻهن کي منهنجي زندگي جي باري ۾ ڄاڻڻ ۾ دلچسپي هوندي، مان چاهيان ٿو ته منهنجي زندگي نجي رهي ۽ ماڻهو اهو ئي سمجهندا آهن، جيڪو اهي سمجهڻ چاهين، اداڪار وڌيڪ چيو ته مون کي نٿو لڳي ته منهنجي ڪنهن تصوير يا سوشل ميڊيا پوسٽ تي مون کي ڪنهن کي به وضاحت ڏيڻ جي ڪا ضرورت آهي.