حيدرآباد: حيدرآباد تعليمي بورڊ جي ملازمن الزام هنيو آهي ته حيدرآباد تعليمي بورڊ جي اعليٰ عملدارن حيدرآباد بورڊ جي حدن ۾ 13 کان وڌيڪ اسڪول ۽ پرائيويٽ ڪاليجون هلي رهيون آهن جن ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کي سندن پسند جون مارڪون به ڏنيون وڃن ٿيون. نه رڳو ايترو پر هڪ ڪيس سامهون آيو ته هڪ شاگرد جي جاءِ تي ٻئي اميدوار امتحان ڏنو. اصولن ان شاگرد جو رزلٽ روڪڻي رکڻو هو پر پئسن عيوض ان کي پوزيشن ڏني وئي جنهن جو ڪيس پڻ هلندڙ آهي.