بورڊ جي امتحانن جي موسم يا جهالت جي سالگرھه

0
80
اختيارن جي گوءِ کٽڻ کان ادارن کي بربادي کان بچائڻ بهتر آھي

  اسان جي ملڪ ۾ تعليمي معيار جي پستي تي روئيندي ڏهاڪا گذري ويا پر بجاءِ ان جي جو بهتري لاءِ ڪا حقيقي ڪوشش وٺجي حڪومتي ذميوار حلقن کان وٺي سماج جي هر لاڳاپيل ڪردار ڊگري يافته جاهلن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي وس آھر هٿ پئي ونڊايو آھي. ڪاپي يا نقل ڪرڻ جي روش گھٽ ۾ گھٽ 40 سال پراڻي آھي. ان کان اڳ به ٿي سگهي ٿو ته لڪ چوري ۾ رائج رهي هجي پر ستر واري ڏهاڪي کان ننڍڙين پرچين، هٿن ٻانهن ۽ قميص جي ڪنڊن تي کليل اشارن کان وڌندي هي وبا وڏن ڦَرَن، حل ٿيل پيپرن،ڪتابن، گائيڊن ۽ هاڻي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ هٿان حل ٿيل پيپر جا ترتيبوار جواب سمارٽ فون تي سڌا سنوان شاگرد تائين پهچائڻ  تي وڃي پهتي آھي. تلخ سچائي ھي آھي ته هر واسطيدار ڌر يعني شاگرد، استاد، والدين، بورڊ انتظاميه،حڪومت ۽ سڄي سماج دل سان نه هن بري عمل کي برو سمجهيو نه ذاتي عمل سان ان کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. نون نون تجربن جي باوجود فرسوده تعليمي پاليسين ۽ امتحاني نظام ۾ شاگرد ويچارو علم جي اصل تصور ۽ معنويت کان وانجهيل رهي رڳو طوطي وانگر rote learning    ذريعي سمجهڻ بنا حفظ ڪرڻ جي چڪر ۾ اصل مقصد کان گمراهه رهي طوطي جو طوطو رهندو آيو آھي.

نقل ڪرڻ جون  سهولتون ميسر ٿيڻ کان پوءِ ان رٽيبازي جي راڳ کان به آجو ٿي ويو. پروفيشنل ادارن ۾ داخلائن وٺڻ ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ آبادي جي بي قابو واڌ سبب مقابلي بازي وڌي. ان ڊوڙ کٽڻ لاءِ ڪاپي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ لاءِ والدين ۽ استاد شاگرد جو مددگار ٿي ويو. پرائيويٽ ٽيوشن جو رواج پيو ته غريب مقابلي مان خارج ٿيڻ لڳو، پئسي واري کي ٻار جي سليڪشن سان گڏ پنهنجي سماجي برتري جي نمائش جو به موقعو مليو. ٽيوشن وٺڻ اسٽيٽس جو اظھار بڻجي ويو. اهو عمل ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو ته ظاهر آھي ته جتي خريدار ھوندو اتي وڪرو ڪندڙ يا دڪاندار به ضرور هوندو. استاد ڪوچنگ سينٽر جي ڪمائي کي ڊاڪٽر جي پرائيويٽ پريڪٽس وانگر واڌو وقت کي ذاتي ۽ سجايو سمجهي استعمال ڪرڻ جي دعوا ڪئي پر افسوس جوجهڙي طرح پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آھن تهڙي طرح  پيغمبري سڏجندڙ پيشي ۾ روزگار حاصل ڪندڙ سڀ خود بخود انهن خصلتن جا مالڪ  به ناهن  هوندا. اهي ڪوچنگ مرڪز نه صرف اسڪول/ ڪاليج ٽائيم ۾ ھلڻ لڳا بلڪه پڙھائيندڙ استاد کي پنهنجي شاگرد  کي امتحان ۾ سٺن نمبرن سان پاس ڪرائڻ جي ذميواري به کڻڻي هئي، جيڪو ان معيار تي پورو لهندو ان جي ٽيوشنرس ۾ اوترو اضافو ٿيندو جيترو ڪنهن مشھور فزيشن جي مريضن جو هوندو آھي. شروع ۾ امتحاني ڪاپيون استادن کي گهرن تي پوسٽ ذريعي موڪلبيون هيون. جڏهن امتحان ڪاروبار بنيو ته بورڊ عملي جي ملي ڀڳت سان ڏس پتو وٺي واسطيدار سائل پنهنجي “ڪوچ” معرفت من گهريون مارڪون طئي ٿيل شرطن يا قيمت تي  گهران وٺي ايندا هئا. اهڙي راز افشاني ڏسي بورڊ وارن ڪاپين تان اصل سيٽ نمبر هٽائي ڪوڊ نمبر لڳايا.

ڪوڊ يا ته چور سان صلاحي بورڊ جا ملازم پاڻ وڪرو ڪري ٻڌائي ڇڏيندا ھئا يا ڪي شاھه ڪاريگر استادن جا به استاد پيدا ٿيا جن بورڊ جي ڪوڊ کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جو هنر ساڳئي نموني سکي ورتو جهڙي طرح اڄڪلھه اي ٽي ايم ڪارڊ کان سواءِ چور رقم اڏايو وڃن. ان بعد نئون رستو اھو ڳوليو ويو ته جوابي ڪاپين جي چڪاس لاءِ مرڪزيت جو نظام يا سينٽرلائيزڊ اسيسمينٽ جو نظام لاڳو ڪيو وڃي جنهن تحت مقرر مرڪزن تي بورڊ انتظاميه جي سڌي نگراني ۾ گهڻا چڪاسيندڙ ھڪ هنڌ ويهي ڪاپيون ڏسن ٿا جنهن جو مناسب معاوضو ڪاپين جي تعداد مطابق ملي ٿو. جيتوڻيڪ تعداد جي ڪچي پڪي حد به مقرر آھي پر ان تي عمل نٿو ٿئي. نتيجي ۾ ميرٽ جو قتل عام ٿئي ٿو. اڪثريت ڪاپي جو جواب پورو پڙھڻ کان سواءِ پاسي ۾ ويٺل دوست سان ڪچھري ڪندي،هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيرائيندي ڪاپي تي ليڪا ڪڍندي، مارڪون اوتريون ڏيندا ويندا جيترين تي سندن هٿ هريل هوندو. انصاف بالڪل به نٿو ٿئي. بورڊن لاءِ ته چڱن وقتن ۾ به مشھور هو ته پوزيشنون وڪڻندا هئا پر سينٽرلائيزڊ اسيسمينٽ کان پوءِ ان ڪاروبار کي وڏي هٿي ملي آھي. عام روش ٺھي ويئي آھي ته غير معمولي فائدو ڏيڻ لاءِ اهڙن اميدوارن جي رزلٽ روڪي  Withheld ))  ويندي آھي تنهن بعد رازداري ۾ ملھه مطابق مارڪون ڏنيون وينديون آھن. اهي ته ھيون امتحان ٿيڻ کان پوءِ جون وارداتون پر جهڙي طرح اليڪشن کان اڳ پري پول رگنگ جو بندوبست ڪيو ويندو آھي ساڳي طرح فارم ڀرڻ کان وٺي پيپر ٿيڻ تائين به ڪافي ڪلور ٿيندا آھن.

امتحاني فارم 75 -70 سيڪڙو حاضري جو شرط پنهنجي جاءِ تي پر اڦٽ گوسڙو ٻار جو به ڀرجي ويندو آھي. اڪثرڏٺو ويو آھي ته سڀني اهم مضمونن جي پرائيويٽ ڪوچنگ جي سهولت رکندڙ شاگرد اسڪول/ ڪاليج گهٽ ويندا آھن ۽ کين وي آئي پي جو درجو مليل هوندو آھي. امتحاني سينٽرن تي خاص اميدوار جو سهولت واري  ڊيسڪ تي سيٽ نمبر لڳايو ويندوآھي. پاليسي سازن موجوده وقت ۾ سواليه پيپر کي به ٽن حصن ۾ يعني معروضي ٽيسٽ، ننڍا ننڍا جوابShort Answers)) وڏا يا تفصيلي جواب (Long Answers  ) وارن ڀاڱن ۾ ورهايو آھي. سوچ ته پڪ سان ھاڪاري هوندي پر عملي طرح صرف هاڃيڪاري جو باعث پئي بنجي. ٿئي هن طرح ٿو ته معروضي يا Objective    واري ڀاڱي جي جوابي (ڪيِ) چاٻي سينٽر تان مورڳو مافيائي نيٽ ورڪ تان مضمون جي ماهر تائين پهچي ويندي آھي ۽ اهو صاحب ڪراس چيڪ ڪري جواب سينٽر تي موڪليندو آھي. اهي جواب خاص شاگردن کي سڌا سنوان به موڪلبا هئا پر موبائيل تي ڪجهھ سختي ٿيڻ کان پوءِ خود انويجيلٽر يا سينٽر جو چڱو مڙس پاڻ هر بلاڪ ۾ وڃي لکرائيندو يا ٽڪ مارڪ ڪرائيندو آھي. صدمي جي ڳالھه اها آھي ته اميدوار ،والدين، استاد انٽرنل ايڪسٽرنل سپرنٽنڊنٽ ۽ سڄو سماج ان حرڪت ۾ شامل ٿي ڏاڍو خوش هوندو آھي.

باقي رهيل سوالن جا جواب به محفوظ ھنڌن تي ويٺل ماهر ڪمپيوٽر ۽ خوش نويسن جي مدد سان فيڪٽري وانگر تيار ڪري بندوبست ڪيل فوٽو اسٽيٽ مشينن تان گهربل تعداد ۾ تيار ڪرائي سپلائي چين حوالي ڪندا آھن. ان کان پوءِ سينٽر اندر، ٻاھر،پاسي واري ميدانن ۽ روڊن تي  جنگي  نفسا نفسي يا وري دما دم مست قلندر جو منظر هوندو آھي. ڪنهن کي ڪا خبر ڪانه پوندي ته ٽي ڪلاڪ لحظي ۾ گذري ويندا. هتي بيان ڪيل حقيقتن کان هر ڪو واقف آھي پر اندران اندران هر ڪنهن ان صورتحال کي معمول جي روش سمجهي قبولي ورتو آھي. 2019ع ۾ سائين سردار علي شاھ ان وبا کي ٻنجي ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش طور هر ضلعي ۾ ميگا سينٽر قائم ڪري انهن جي نظام ۽ ضابطي کي محفوظ بنائي امتحان ڪرائڻ جي منصوبي تي عمل ڪرڻ چاهيو پر سڀني اسٽيڪ هولڊرس ۽ شايد خود سندس حڪومت به سٺو ساٿ نه نڀايو. برائي رائج ٿي جڏهن چڱائي جو مقام ماڻي وٺي ته پوءِ تباهي يقيني ٿي ويندي آھي، جيڪا تعليمي معيار ۽ امتحاني/تعليمي نظام جي تباهي جي صورت ۾ اچي چڪي آھي. جن سالن دوران بورڊ جو انتظام ايم ڪيو ايم جي هٿ هيٺ رهيو انهن سالن دوران امتحاني بورڊن ۽ نظام کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ڪافي سينٽر نو گو ايرياز بنيل هئا. ويجهڙائي ۾ ڪراچي ۾ ڪاليج استادن جي جرئت ۽ همت سبب ڪجھه بهتري آئي آھي اڳتي به الله کي پارت آھي.

هن وقت به سيد سردار علي شاھه وزير تعليم آھي، کين مشورو هوندو ته سنڌ جو مستقبل معياري تعليم سان سلهاڙيل آھي، سڄي ملڪ ۾ شايد اسان سڀني صوبن کان پوئتي پيا وڃون باقي بلوچستان بلڪل مختلف صورتحال ۾ آھي، ان ڪري سڀ کان پهريائين تجويز آھي ته جيئن ته مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جا امتحان تمام وڏي ايڪسرسائيز آھي جنهن ۾ ھزارين شاگرد ۽ عملو شامل هوندو آھي، مئي مهيني جي قيامت خيز گرمي ۽ لوڊ شيڊنگ جي مچ ۾ ٻرندي ٻارن کي وڏي اذيت مان گذرڻو پوي ٿو ۽ اهو عمل جون جي پڇاڙي تائين جاري رهي ٿو. تجويز آھي ته * تعليمي سال جي ترتيب اسڪول کان يونيورسٽي تائين موسم مطابق ترتيب ڏني وڃي* استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي يقيني بنائجي * وجيلينس ۽ سپروائيزري جو ڪم ايماندار ۽ غير جانبدار ٽيمن جي هٿ ۾ ھجڻ گھرجي* حقيقي حاضري کان سواءِ ھڪ به اميدوار جو امتحاني فارم نه ڀرجي ميگا امتحاني سينٽر قائم ڪري ڪاپي کي ڪنهن به قيمت تي روڪجي *ڪاپي ڪندڙ، ڪرائيندڙ ۽ سهولت ڪاري کي ناقابل ضمانت ڏوھه قرار ڏئي گرفتار ڪري تڪڙيون سزائون ڏيارجن *موبائيل فون ڪنهن اميدوار ته پري رهيو عملي جي ڪنهن  به ميمبر وٽ سينٽر ۾  رکڻ کي جرم قرار ڏنو وڃي سواءِ ھڪ انچارج جي جيڪو انتظام هلائڻ جو ذميوار هجي *موبائيل جي موجودگي ۾ آبجيڪٽو ٽيسٽ ڄڻ ته آنڊن جي واڙ کي گدڙن جي رکوالي ۾ ڏيڻ جي مترادف آھي *ان طرح جي اوچتي سختي سبب ٻن ٽن سالن تائين رزلٽ تمام خراب ايندي، اچڻ ڏيو، سمجهبو ته ٽي سال تعليمي ڏڪار اچي ويو هو.

ڪورونا جي وبا به ته آئي هئي، ان مصيبت وري سڀني شعبن وانگر تعليم جي گهٽ ٻيڙي ٻوڙي!  اسڪول/ڪاليج ٽائيم ۾ پرائيويٽ ڪوچنگ کي ڏوھه قرار ڏنو وڃي ڪاپين جي چڪاس جو موجوده طريقو غير منصفانه آھي جنهن تي سخت چوڪسي جي ضرورت آھي بورڊ ن جا چيئرمين ۽ ڪنٽرولر سٺي ساک وارا به هجن ۽ ٻن ٻن چارجن جا مالڪ به نه هجن. هن وقت بورڊن ۾ ٻنهي ڳالهين جو فقدان آھي* بورڊن جي مالي بدحالي جو وڏو سبب امتحاني فين جو خاتمو آھي جيڪو شروع کان غلط فيصلو هو. ڪنگلي رياست تعليم کي ايترو به سستو نه ڪري جو شھري ان جي سستاڻ کي عيب سمجهي سرڪاري ادارن ۾ داخلا ئي نه وٺن. بهتري آڻڻي آھي ته هاڻي جو هاڻي سندرو ٻڌڻو پوندو ٻي صورت ۾ تمام دير ته اڳ ئي ٿي چڪي آھي. امتحانن جي ھن  موسم جو پڪل ميوو شل جنت مان بيدخلي جو سبب نه بنجي!!

[email protected]