ڪراچي: سنڌ جي تعليمي بورڊن مان مختلف وقتن تي رڪارڊ غائب ٿيڻ ۽ سڙڻ وارن معاملن جون انڪوائريون بند ٿي ويون آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪراچي ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن، رڪارڊ غائب ٿيڻ سميت ٻين اهم معاملن جون انڪوائريون انتظامي بحران سبب رولڙي ۾ پيل آهي.