بودرفارم/ڪنري(نمائندن وٽان) بودرفارم لڳ ڪرين مشين موٽرسائيڪل مٿان چڙھي ويئي 2 عورتون فوت، 2 ڄڻا زخمي خبر موجب بودرفارم ٿاڻي جي حد نصير موڙ وٽ ڪرين مشين کي ڪراس ڪندي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب مشين هيٺان اچي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ 40 سالن جي بيواهه عورت چندرا زال منرو ميگهواڙ ٿڏي تي چيپائيجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 12 سالن جو پٽ پريت، ھڪ عورت سوني ۽ سندس پٽ جنھنور لال ميگهواڙ شديد زخمي ٿي پيا، واقعي واري هنڌ علائقي واسي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا، جن واقعي جو اطلاع بودرفارم پوليس کي ڏنو، بودرفارم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال ڪنري پھچايو، جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته حادثي جي ٽنھي زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتان زخمي عورت سوني کي ڳڻتي جوڳي ڪراچي نيو ويو جتي خانگي اسپتال ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، حادثي جو شڪار ٿيل فيملي ڳوٺ رامور لڳ نبي سر روڊ جا ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي شادي ۾ شريڪ ٿين لاءِ ڳوٺ وليداد پلي وڃي رهيا هئا، ھوڏانھن بودرفارم پوليس ڪرين ڊرائيور وسيم خان پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.