بودرفارم(ن پ ا) بودرفارم پوليس پاران دھشگردي ڪيس ۾ نامزد روپوش ڄاڻايل ڀٽي برادري جي 10 ماڻھن جي گرفتار کان اڳ واري ضمانت منظور تفصيل موجب 6 ڏينهن  اڳ بودرفارم پوليس پاران نوجوان يامين پٽ قاسم پٽي ۽ سندس ٽن سالن جو معصوم ٻار عرفان ڀٽي جي منشيات الزام گرفتاري بعد ڀٽي برادري جي ماڻھن پاران بودرفارم ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪرڻ دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ ٿيل چڪريون تي بودرفارم ٿاڻي تي 23 نامزد 15 نامعلوم سميت  38 ڄڻن تي تي دھشگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، نامزد 13 ماڻهن مان 8 ماڻهو جنھن ۾ نور حسن ڀٽي احمد ڀٽي، ممتاز ڀٽي، امتياز ڀٽي ۽ ٻيا 5 ڏينھن جي رمانڊ تي  بودرفارم  پوليس جي حراست ۾آهن، جڏھن ته 5 ماڻهو جنھن ۾ آزاد ڀٽي، سڪندر ڀٽي، مرتضي ڀٽي، علي محمد ڀٽي سميت 5 ماڻھو سينيٽر جيل ميرپورخاص ۾ آهن، جڏھن ته پوليس پاران رپوش ڄاڻايل 10 جوابدارن 50-50  ھزار  مچڪلن عيوض دهشتگردي جي انت واري عدالت ميرپور خاص مان عبوري ضمانت منظور ڪرائي ورتي آھي جنهن ۾ سرمد جٽ ويشنداس ميھگواڙ، نويد، صدام،  اياز، نثار، رشيد  ڀٽي ۽ ڀيا شامل آھن.