ڪنري/بودرفارم(نمائندن وٽان) بودرفارم پوليس هٿان منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ معصوم ٻالڪ سميت گرفتار نوجوان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪندڙ مظاھرين تي بودرفارم پوليس پاران حملي، دھشتگردي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل، ڳوٺاڻن جو ٻيھر احتجاجي مظاھرو، نعريبازي. تفصيل موجب هڪ ڏينھن اڳ بودرفارم پوليس پاران ڳوٺ اسماعيل ڀٽي واسي نوجوان يامين ڀٽي کي سندس ٽن سالن جي پٽ عرفان ڀٽي سميت گرفتار ڪرڻ واري واقعي خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندڙ مظاھرين خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ 23 ڄڻن کي نامزد ۽ 15 کي نامعلوم طور شامل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دھشتگردي، ارادي قتل، ڊيوٽي اٽڪاءُ، فائرنگ، ٿاڻي تي حملي، جوابدار کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ۽ موبائل جا شيشا ٽوڙڻ جا قلم لڳايا ويا. ڪيس ۾ شامل نور حسن، اياز، صدام، نويد، ياسين، آزاد، رشيد، ممتاز، امتياز، اسد، سرمد پنجابي، وشن داس ميگھواڙ ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته پوليس 15 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو پر سندن گرفتاري ظاھر نه ڪئي، ٻئي پاسي پوليس پاران نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڀٽي برادري جي ماڻھن ٻارن سميت بودرفارم پوليس خلاف ڏگو فارم ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، مظاھرين حسين شاھه، اڪبر ڀٽي، محمد علي، صادق ڀٽي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته بودرفارم پوليس گذريل ڏينھن اسان جي نوجوان يامين ڀٽي کي سندس ٽن سالن جي ٻالڪ عرفان ڀٽي سميت منشيات جي الزام ۾ گرفتار ڪيو، سندن گرفتاري خلاف ٿاڻي تي وياسين ۽ احتجاج ڪيو ته پوليس مڇرجي پئي ۽ اسان جي مظاھرين تي لٺبازي ڪندي فائرنگ ڪئي، هنن چيو ته پوليس گهرن تي چڙھايون ڪري چاڌر ۽ چوڌيواري جو تقدس پائمال ڪيو 15 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتاري ڪري کڻي وئي، گرفتار ماڻھن کي لڪائي ڇڏيو آھي ۽ ٿاڻي جا گيٽ بند ڪري ملاقات نٿي ڪرائي وڃي خبر ناهي اسان جا نوجوان زندهه آھن يا کيس ماري ڇڏيو آھي. هنن فوري طور پوليس ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪري پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
پي سوڌو گرفتار ٿيل معصوم ٻار جي اڀ ڏاريندڙ دانھن جي وڊيو وائرل
ڪنري: بودرفارم پوليس هٿان منشيات فروشي جي الزام ۾ پيءُ سميت گرفتار 3 سالن جي معصوم ٻالڪ جي اڀ ڏاريندڙ دانھن واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. معصوم ٻالڪ جون ٿاڻي اندر دانھون ۽ روئڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بودرفارم ٿاڻي تي معصوم ٻالڪ زار و قطار روئي رهيو آھي، ذريعن موجب گرفتار ٻالڪ جي وارثن جي احتجاج تي پوليس ٻالڪ کي ڊرامائي انداز ۾ آزاد ڪندي گرفتار نه ڪرڻ جو ڊرامو رچايو.
|
يامين ڀٽي منشيات فروش آهي، حامين ٿاڻي تي حملو ڪيو: پوليس
ڪنري: پوليس پاران داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته نوجوان يامين ڀٽي منشيات وڪرو ڪري ٿو، کيس گرفتار ڪيو ته سندس حامين ٿاڻي تي حملو ڪيو، پوليس تي فائرنگ ۽ لٺبازي ڪئي، نتيجي ۾ ايس ايچ او بودرفارم روشن لغاري سميت چار اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس ڄاڻايو ته مڇريل ماڻھن گرفتار نوجوان کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھل هنگامو ڪري دھشت پکيڙي.
معصوم ٻالڪ عرفان آزاد، يامين ڀٽي عدالت پيش، جيل حوالي
ڪنري: بودرفارم پوليس گرفتار نوجوان يامين ڀٽي خلاف منشيات ايڪٽ جو هڪ ڌار ڪيس پڻ داخل ڪري کيس سول ڪورٽ سامارو ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي جيل اماڻڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو. جڏھن ته سندس معصوم ٻالڪ عرفان ڀٽي کي ميڊيا ۾ خبرون هلڻ تي رات دير جو معزز شخص معرفت آزاد ڪيو ويو.