سيوهڻ(رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ لڳ يوسي بوبڪ ۾ گھٽيء ۾ بيھڻ جي معمولي ڳالهه تان ڪنڀر ۽ کوسا برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ ٿي پئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ کوسا برادري جو 22 ورهين جو نوجوان قاسم ولد ملوڪ کوسو موقعي تي قتل ويو. بوبڪ پوليس اھڙو اطلاع ملڻ تي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو، واقعي بعد بوبڪ ۽ آسپاس خوف جي لھر ڇانيل آهي. ٻئي طرف مقتول جي چاچي صوف کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته منھنجو نوجوان ڀائيٽيو قاسم گهٽي ۾ بيٺو هو ته ڪنڀر برادري جي ماڻهن سان جهيڙو ٿي پيو، بعد ۾ پنهيار برادري جا ماڻهون پڻ ڪنڀر برادري سان گڏ هٿيار کڻي آيا ۽ فائرنگ ڪئي، جوابدارن جا نالا جي خبر ناهي اسان گهر ويٺا هئاسين ته واقعو پيش آيو، اسپتال انتظاميا موجب مقتول کي سيني ۾ گولي لڳل آهي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي. ھوڏانھن بوبڪ پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي مقتول جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ايندا ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.