سيوهڻ(رپورٽ:اشرف عطار ) يوسي بوبڪ ۾ پنھيار ۽ کوسو برادري وچ ۾ گھٽيء جي معاملي تان ھلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڪر کڻي ورتو آهي. گذريل ڏينهن منڇر بند وٽ ٻنهي برادرين جي هٿياربند ماڻهن وچ ۾ ٻيھر جھيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ سبب سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو جڏهن ته فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب 40 ورھين جي فريد پنهيار موقعي تي قتل ٿي ويو آهي ۽ فائرنگ دوران 2 واٽهڙو خيرمحمد ملاح ۽ موسي ملاح سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي سيوهڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن واقعي بعد بوبڪ جو علائقي ۾ خوف جي لھر ڇائنجي وئي آهي, پوليس موجب فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻا واٽهڙو آهن جيڪي رستي تان لنگهي رهيا هيا ته فائرنگ دوران زخمي ٿيا آهن واقعي جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پھتي ۽ جھيڙي تي ضابطو آندو آهي. ٻڌايو وڃي تو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پنهيار ۽ کوسا برادري وچ ۾ گھٽيء ۾ بيھڻ جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هيو جنهن دوران فائرنگ سبب نوجوان قاسم پٽ محمد ملوڪ کوسو قتل ٿيو ھو. ٻئي طرف مقامي پوليس جھيڙي چي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي.