لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي سينئر اداڪار بهروز سبزواري جو چوڻ آهي ته وڌندڙ طلاق جي شرح جو سبب والدين جو ڇوڪرين سان ضرورت کان وڌيڪ لاڏ پيار ڪرڻ آهي، هڪ مارننگ شو دوران بهروز سبزواري چيو ته اڄ ڪلهه والدين پنهنجي ڇوڪرين کي تمام گهڻو لاڏ پيار ڪري بگاڙي ڇڏيندا آهن، اداڪار جو چوڻ هو ته مون اهڙين شادين ۾ شرڪت ڪئي آهي، جن ۾ 20 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا پر اهي شاديون ڪجهه مهينا به نه هلي سگهيون، بهروز سبزواري ان جو سبب والدين جي مشورن ۽ انهن جي لاڏ پيار کي قرار ڏنو، سندس چوڻ هو ته والدين پنهنجي ڌيئرن کي چوندا آهن ته اسان تنهنجي شادي تي ايترو پيسو خرچ ڪيو آهي، تون ملڪه وانگر رهه، سندس چوڻ هو ته گهر وارن طرفان ڇوڪرين کي ضرورت کان وڌيڪ لاڏ پيار ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ اهي پاڻ کي ملڪه سمجهي پنهنجو حڪم هلائڻ چاهينديون آهن، اداڪار جو چوڻ هو ته ڇوڪري جو مڙس ڪيترو به خراب ڇو نه هجي، اهو آخرڪار پنهنجي والدين جو پٽ آهي، ڇوڪريون ۽ انهن جا والدين طلاق جا ذميدار آهن، ٻئي طرف بهروز سبزواري جي زال سفينه بهروز وڏين شادين بدران سادي نڪاح جي تقريبن جي اهميت تي زور ڏنو.