بهرام (ن پ ا) رمضان شريف جو ڀلارو مهينو شروع ٿيندي ئي منافعي خور واپارين دڪاندارن هڪ هٽي ڪندي  کاڌي پيتي جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب اڳئي مهانگائي سٽيل عوام جو ويتر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. سبزي، فروٽ، گوشت، مرغي ۽ مڇي، مشروبات سميت ڪرياني جي واپارين شهرين خاص ڪري روزيدارن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.شھر جي سمورن ننڍن توڙي وڏن واپارين ۽ دڪاندارن هڪ هٽي قائم ڪري مهانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. وڏو گوشت 800کان 1000 رپيا، ٻاڪرو گوشت 1600کان  1800 رپيا، مڇي 500 کان 700 رپيا ۽ مرغي 650 کان 700 رپيا تائين وڪرو ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته مختلف سبزيون ۽ فروٽ پڻ من پسند اگهن تي ڏنيون پيون وڃن. ڀينڊي180 رپيا، بيھ 150رپيا  واڱڻ 80 رپيا  گوبي 100 رپيا ڪريلا 140 رپيا, بصر 200 رپيا, صوف 400 رپيا، سردو 150 کان 200 رپيا,  چڪو 300 کان 400 رپيا ،  ۽ ڪيلا 250 رپيا في درزن جي حساب سان ڏنو پيو وڃي. هوڏانهن ڪرياني جو سامان پڻ تمام مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گيھہ 500 کان  600 رپيا، تيل 550 کان 650 رپيا,چانور 250  کان 400 رپيا، دال 300 کان 400 رپيا، اٽو 140کان 150 رپيا، سميت ٻيو ڪرياني جو سامان پڻ چوٽ چڙهيل آهي. پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي پورهيتن غلام مصطفي بروهي، محرم علي ۽ ٻين چيو ته ٻين ملڪن ۾ رمضان شريف ۾ گورنمينٽ سبسنڊي ڏيندي ريٽن ۾ گهٽتائي ڪندا آھن، اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي شھرن ۾ مسلمانن انسانيت کي لڄائيندي عوام مٿان مهنگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آھي، سياسي سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن مولوي عبدلغني مگسي حبدار علي، شمس عباس، محمد مولائي، گلشير خان، عبدالغفار ۽  ٻين چيو ته منافعي خور واپارين من پسند اگھ مقرر ڪري غريب شهرين جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، مارڪيٽ ڪاميٽي توڙي پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽي انتظاميه مهنگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.