بھرام (ن پ ا) بهرام ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٽائون چيئرمين خلاف ايڪشن ڪاميٽي جي ڏس تي شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙ عبدالحفيظ پتوجو، ظفرالله، اسدالله، اختيار مگسي، عبدالصمد مگسي، عبدالرحمان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر ۾ صفائي نه ٿي سگهي آهي، هر مهيني جي 47 لک بجيٽ آهي پر ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن، هنن الزام هنيو ته ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي.