بهرام (ن پ ا) بهرام لڳ درگاھه حاڪم علي شاھه پٽواري جي سادات جي سڏ تي امن ريلي ڪڍي حاڪم شاهه باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن پرواز حيدر، الطاف حسين، مولوي عبدالغني، علي محمد کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پاڪستان جي چئن صوبن ۾ قتل عام ٿي رهيو آهي، بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.