بھرام ( ن پ ا ) بهرام لڳ ڳوٺ بدل آباد ۾ پي ايس 15 جي آزاد  اميدوار سليم رضا بروھي جا بينر ڦاڙي اڇلايا ويا. آزاد اميدوار سليم رضا بروھي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته بھرام ٽائون جي چيئرمين ڊاڪٽر احمد علي بروھي پاڻ بيھي بينر ڦاڙايا آهن،  جنهن جي اسان وٽ وڊيو موجود آهي، اسان آر او کي شڪايت ڏني آهي، آر او خاطري ڪرائي آهي ته ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ٿيندي، هوڏانهن آزاد اميدوار سليم رضا بروھي جي حامين لکمير بروھي، ظفر الله، سميع الله، يوسف بروھي ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو. بهرام ٽائون چئيرمين احمد علي بروهي سان باربار فون ڪرڻ باوجود ڪال اٽينڊ نه ڪيو.