بهرام (ن پ ا) بهرام جي ڳوٺ اهير ويجھو هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ جمع خان بروهي جي رهواسي 21 ورهين جي محسن پٽ محمد حسن بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچائڻ تي مقتول جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، ان حوالي سان مقتول نوجوان جي ڀاءُ راجا عامر حسين جو چوڻ هو ته پنج ڏينهن اڳ زمين جي هلندڙ معاملي تان منهنجي چاچي ۽ سئوٽن گهر مٿان هوائي فائرنگ ڪئي هئي، اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايچ او جان محمد سامٽيو موجب فريادي آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.