بهرام (ن پ ا) ڳوٺ بدل آباد ۾ 6 سالا عمر عرف عبدالرحمان بروهي ۽ 7 سالا صفت الله بروهي راند ڪندي ٿريشر ۾ وچڙي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتي ٻارڙا پاڻ ۾ ماسات هئا، ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ چيو پر وارثن واقعو اتفاقي قرار ڏئي جواب ڏئي ڇڏيو.