بهرام(ن پ ا) بهرام ڀرسان ڳوٺ ڪارڙا ۾ مٽي سان ڀريل ٽريڪٽر وڃي رھيا ھئا، مال چاريندڙ ٻارن ٽرالين پويان چنبڙي پيا جنهن ۾ 9 سالن جو ظھير احمد ولد مرحوم غلام سرور ڪارڙو جو هٿ نڪري ويو ۽ ھو ٽريڪٽر هيٺيان اچي چيڀاٽجي زخمي ٿي پيو، جنهن کي موٽرسائيڪل تي اسپتال پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رستي ۾ فوت ٿي ويولاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ڊرائيور کي پيٽوپاراتا ڏنا پيا وڃن، ٻئي طرف بهرام پوليس اطلاع ملڻ تي 3 ٽريڪٽر ۽ ڊرائيور ضمير بروهي نوراحمد چانڊيو، عظيم ڪوري کي ٿاڻي تي ويهاري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.