ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ اسٽار جوڙي ايشوريا راءِ ۽ اڀيشڪ بچن جي شادي مشڪلاتن جو شڪار آهي پر سندن شادي تي سلمان خان جي ماضي ۾ ڪيل ڳالهه وري وائرل ٿي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ايش هن وقت اڀيشڪ جي زال آهي پر سندس هڪ ڊاڪٽر سان دوستي کي شادي کي ڏکيو بڻائڻ جو سبب قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اڀيشڪ جا به نمرت ڪور سان واسطا آهن. ايش ۽ اڀيشڪ جي شادي وقت سلمان خان ايش سا ڪيل بدسلوڪي بابت سوال تي چيو هو ته ان باري ۾ ڇا چوان؟ هڪ شي تي يقين رکان ٿو ته انسان جي ذاتي زندگي ان جي ذاتي آهي آئون ان جو دفاع ڪريان ته ڪٿي ڪو توهان جي زندگي جو به حصو هو ۽ توهان ان کان انڪار ڪري رهيا هوندئو. بهترين ڪم خاموش رهڻ آهي ايترا سال ٿي ويا آهن ايش ڪنهن جي زال آهي هڪ وڏي خاندان ۾ سندس شادي ٿي آهي ۽ تمام گهڻو خوش آهيان جو سندس شادي اڀيشڪ سان ٿي آهي منهنجي خيال ۾ اڀيشڪ تمام سٺو انسان آهي ۽ اها سٺي ڳالهه آهي جيڪا ڪو به اڳوڻو بواءِ فرينڊ پسند ڪندو.