ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست کي سبق قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي گرانٽ بريڊ برن ان ميچ ۾ پاڪستان جي ڪمزورين بابت خيالن جو اظهار ڪيو . هيڊ ڪوچ چيو ته ان شڪست جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو نه بڻائينداسين، جيڪي موقعا اسان وڃايا ان تي نظرثاني ڪنداسين پر ذاتي طور تي منهنجو خيال آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران جيڪو ڪجهه اسان سان ٿيو اِهو هڪ تحفو آهي. پنهنجي ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي گرانٽ بريڊ برن چيو ته اسان ان تحفي لاءِ ٿورائتا آهيون، ڇاڪاڻ ته ورلڊ ڪپ کان اڳ ان اسٽيج تي ڀارت سان کيڏڻ اسان لاءِ سٺو موقعو آهي، اسان کي اهڙو موقعا تمام گهٽ ملندا آهن ته ڀارت جي نمبر ون رانديگرن خلاف کيڏون. هن چيو ته ايشيا ڪپ جي ڪنڊيشنز ورلڊ ڪپ جي ڪنڊيشنز سان ملندڙ جلندڙ آهن، تنهنڪري اسان لاءِ سکڻ جو سٺو موقعو آهي. بريڊ برن چيو ته اسان گذريل ٽن مهينن دوران ڪا ميچ ناهي هارائي،