ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي واري رٿ دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن وري بنگلاديش ۾ رهندڙ بهارين کي پاڪستان گھرائي کين شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم جي اعجاز الحق، بلقيس مختيار سميت مختلف ميمبرن چيو ته بنگلاديش ۾ رهندِڙ بهاري پاڪستاني آهن، جيڪي اڃا تائين بنگلاديش جي ڪيمپن ۾ رهن پيا، سندن حق ٺهي ٿو ته  اهي هتي اچي آباد ٿين، هنن چيو ته پاڪستان اسان جي وڏڙن ٺاهيو هو، اسان ڀارت ۾ ڪارخانا ۽ بنگلا ڇڏي آياسين پر هتي اسان کي گاريون نصيب ٿين ٿيون.  ايم ڪيو ايم ميمبرن جي تقرير بعد پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز حنا دستگير ۽ ماروي راشدي ۽ ٻين چيو ته اوهان کي ڪير ٿو گاريون ڏئي؟ توهان کي اسان ته سنڌي سمجھون ٿا پر توهان پاڻ کي اڃا تائين مهاجر ڇو ٿا سڏايو؟