ٺٽو ( رپورٽر ) بن قاسم ٽائون ملير ڪراچي جي ڳوٺ عثمان خاصخيلي جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين پاران مڪلي پھچي بااثر ماڻھن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي گھر ڪئي آهي، مڪلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي متاثر ڳوٺاڻن منور خاصخيلي، محمد رمضان چنا، حنيف ملاح، عمر خاصخيلي، شعبان رند ۽ ٻين چيو آھي ته ھو ڪافي وقت کان ڳوٺ عثمان خاصخيلي ۾ رھائش پذير آھن، پر ھاڻي ڪجهه وقت کان وٺي بااثر ماڻھن پوليس جي معرفت جيئڻ جنجال بڻائي گھرن مان بيدخل ڪري ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، ڳوٺ جا رستا به بند ڪري ڇڏيا آھن، ڳوٺ جي 7 ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ بعد پوليس مقامي ملاحن، خاصخيلي برادري جي ماڻھن سميت 50 کان وڌيڪ ماڻھن تي ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪري کين پريشان ڪري جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ڪن.