ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن کانپوءِ مشرفي مرتضيٰ خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، شيخ مصطفيٰ المجاهد الرحمان ناريل صدر پوليس ٿاڻي ۾ شاگردن تي حملي جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ مشرفي مرتضيٰ سميت سندس پيءُ کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب، شاگردن تي حملي جي الزام هيٺ 90 کان وڌيڪ ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اڳوڻو بنگلاديشي ڪپتان پڻ شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪيس ۾ نامزد ماڻهن مٿان بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت خلاف هلايل تحريڪ دوران شاگردن تي حملن جو الزام آهي. واضح رهي ته اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن تي به بنگلاديش ۾ قتل جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، آل رائوندڙ پاڪستان مان واپس بنگلاديش وڃڻ بدران دبئي رستي انگلينڊ هليو ويو هو.