ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت قانوني ڪارروائي شروع ڪندي هندستان کان شيخ حسينه جي حوالگي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي، پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب بنگلاديش جي بين الاقوامي ڏوهن واري ٽربينول چيو آهي ته اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه کي هندستان مان بنگلاديش واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ٽربيونل جي چيف پراسيڪيوٽر محمد تاج الاسلام چيو ته شيخ حسينه عوامي احتجاج دوران ٿيندڙ قتلام جي الزام ۾ گهربل آهي.