دبئي(اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي جي ٻي ميچ ۾ بنگلاديش ڀارت خلاف رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.دبئي ۾ بنگلاديش جي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي ڀارتي بالرن شروعات ۾ غلط ثابت ڪري ڇڏيو ۽ 35 رنسن تي بنگلاديش جي اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي.پر ڇهين وڪيٽ تي توحيد هردوئي ۽ جاڪر علي 154 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي ۽ ٽيم کي سٺي اسڪور تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ بنگلاديش ڀارت خلاف ڇهين وڪيٽ لاءِ 154 رنسن جي وڏي ڀائيواري جو رڪارڊ قائم ڪيو.توحيد شاندار سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته جاڪر 68 رنسن تي آئوٽ ٿيو، بنگلاديش جي ٽيم 49.4 اوورن ۾ 228 رنسن جي آئوٽ ٿي.