راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مچل سينٽنر بنگلاديشي ٽيم جي اپ سيٽ ڪرڻ جي صلاحيت جو اعتراف ڪري ورتو. راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مچل سينٽنر چيو ته بنگلاديش جي ٽيم ڪنهن کي به اپ سيٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان جا بيٽر جارحاڻي بيٽنگ ڪندا آهن، اسپنر به باصلاحيت آهن. هن چيو ته راولپنڊي جي وڪيٽ فليٽ لڳي رهي آهي، هاءِ اسڪورنگ ميچ ٿي سگهي ٿي، اهڙي ئي پچ ڪراچي ۾ به هئي، پاڪستان کي شڪست ڏئي رانديگرن ۾ اعتماد آيو آهي. واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ اي ۾ نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جي ميچ سومر 24 فيبروري تي کيڏي ويندي.