بنگلاديش جي صورتحال تي پاڪستان ۾ گهڻو ڪُجهه لکيو پيو وڃي. جماعتِ اسلامي جا حامي هڪ ڀيرو ٻيهر خوابن جون ڇٻيون ۽ کوکا لڳائي “انقلاب انقلاب- اسلامي انقلاب” جا هوڪا ڏئي رهيا آهن. هر دور جي فوجي آمر لاءِ جگر جو ٽُڪرو ڏيڻ واري مسلم ليگ (ن) جا متوالا، جن ۾ وزير دفاع خواجا آصف به شامل آهي، رُڳو ٽپ ۽ ڇال ئي نه پيا ڏين پر اهو چئي رهيا آهن ته، شيخ مجيب الرحمان جي يادگارن سان جيڪو ڪُجهه ٿيو، اهو تاريخ جو “انصاف” آهي. ڇا 16 ڊسمبر 1971ع به 14 آگسٽ 1947ع جي ورهاڱي جو انصاف نما انتقام هو؟
ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته، شيخ حسينا واجد جي طرزِ حُڪمراني نامناسب هئي. هُن جمهوري سياست ۾ انتقام جو فصل پوکيو. فقط اهو ئي نه پر هن ٽه ڌُرئي معاهدي کي پاسيرو رکي اهڙي قانونسازي ڪئي، جنهن سان اها جماعت اسلامي کان انتقام وٺي سگهي. ايتريقدر جو انهن پنهنجي هر مخالف کي ديوار سان لڳائڻ ۾ اتاولو ٿي “اُٻهرائيءَ” جو مظاهرو ڪيو. جمهوري نظام جي بنيادي گهرجن کي نظرانداز ڪري بنگلاديش ۾ هڪ جماعتي نظام جي آمريت قائم ڪئي ۽ اُن جو ڪِيتو لوڙهيو. ڇا ڳالهه صرف اتي ئي ختم ٿي وئي؟ اسان جي راءِ ۾ ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي سگهندي. هن خطي “ننڍي کنڊ” جي ماڻهن ۾ بغض ۽ ڪِينو تارون تار ڀريل آهي. ان ڪِيني جي مظاهري کي رُڳو وقتي جذباتيت قرار ڏيڻ ڪِيني پروريءَ کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به ناهي. هڪ ئي خمير سان ڳوهيل ماڻهو ردعمل جي مظاهري ۾ پري تائين هليا ويندا آهن. مثال طور 3 آگسٽ تي حسينا واجد جي حڪومت جو اُگهاڙو هٿيار بڻيل فوج 4 آگسٽ تي اوچتو پاسو بدلايو ۽ عوام تي وڌيڪ تشدد ڪرڻ کان معذرت ڪئي ۽ رات وچ ۾ هيرو بڻجي وئي. ان جي ابتڙ بنگلاديش جي پوليس کي تحريڪ جي حامين جي پرتشدد روين جي ڪري هڙتال تي وڃڻو پئجي ويو. ڪنهن نه سوچيو ته 4 آگسٽ تي احتجاج ڪندڙن جي حق ۾ هڪ جهڙو بيان ڏيندڙ ٻن کاتن فوج ۽ پوليس مان هڪ هيرو ۽ ٻيو عوامي نفرت جو نشانو ڇو بڻجي ويو. دانش جا موتي روليندڙ دانشورن کي ان سوال جو جواب ضرور ڳولهڻ گهرجي.
6 آگسٽ تي بنگلاديش جي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن کي ايوان صدر نيو ويو، جتي اُنهن صدر مملڪت کي درخواست ڪئي ته، گرامين بينڪ واري محمد يونس کي وطن واپس آڻي عبوري حڪومت جو سربراهه يا نگران بڻايو وڃي. يقينن اها هڪ “سنجيده” ڪوشش هئي پر انهيءَ 6 آگسٽ تي بنگلاديش جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوامي ليگ سان واسطو رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوامي ليگ جي حامين جي گهرن تي حملا ٿيا، درجنين گهرن کي ساڙيو ويو. اُن ئي ڏينهن عوامي ليگ جي هڪ پارليامينٽ جي ميمبر جي هوٽل کي تبديلي پسند مظاهري ساڙي ڇڏيو. ان واقعي ۾ 24 ماڻهو سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا. ڇا ڪنهن کي اهو نٿو لڳي ته، شاگرد تحريڪ جي آڙ ۾ ڪُجهه ڪالعدم جماعتن جا حامي پنهنجو حساب چُڪتو ڪرڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ لهي آيا آهن؟ 6 آگسٽ تي شاگرد تحريڪ پارليامينٽ تحليل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڪُجهه ئي دير جي اندر پارليامينٽ تحليل ڪئي وئي. ظاهري طور تي ته ائين ٿو لڳي ته، ان جو صدارتي فرمان جاري ٿيو پر ڇا ان حوالي سان قانوني گُهرجون پوريون ٿيون؟ فوج جيڪو چئي رهي آهي ته، فيصلا اسان ڪنداسين، آئين جي ڪنهن شق ۾ ان کي اهو اختيار حاصل آهي؟ سڄي ملڪ ۾ عوامي ليگ جي حامين خلاف شروع ٿيل پرتشدد ڪاررواين کي روڪڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟ پوليس هڙتال تي آهي، فوج پوئتي هٽي وڃي ٿي، ان جا ته پنهنجا باوردي جوان، احتجاجين سان گڏجي شيخ مجيب الرحمان جي مجسمي کي ٽوڙيندي نظر اچن ٿا. چيو پيو وڃي ته شاگرد تحريڪ ۾ شروع کان ئي ترقي پسند نظرين جا حامي فعال ماڻهو سرگرم هئا. اُنهن ئي تحريڪ کي منظم ۽ ملڪ گير بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. يقينن ائين ئي هوندو. ان حوالي سان معروف ترقي پسند رهنما جنيد سڪيب ۽ ان جي بنگلا طلباءِ فائونڊيشن جو نالو ورتو ويندو آهي ته جنيد سڪيب ۽ ان جي ساٿين مارڪسي نظرين تي هم خيالن کي فعال ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. شاگردن جي ناانصافيءَ جي خاتمي واري ڪميٽي هجي يا يونيورسٽيءَ جي اُستادن جي تنظيم، حڪومت مخالف تحريڪ کي فڪري غذا فراهم ڪرڻ ۽ تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ ان جي ڪردار کان انڪار ممڪن نه آهي پر حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته، 6 آگسٽ تي ايوانِ صدر ۾ صدر مملڪت سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ بنگلا طلباء فائونڊيشن جي نمائندگي نه هئي.
خير، آئون جنهن ڳالهه يا سوال کي پڙهندڙن جي اڳيان رکڻ چاهيان ٿو، اهو هِي آهي ته، تحريڪ جي ڪاميابيءَ جي صورت ۾ عوامي ليگ خلاف پرتشدد جوابي ڪاررواين جو ڪنهن کي اندازو نه هو يا اهو سمجهيو ويو ته ائين نه ٿيندو ۽ پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي. ڇا ان مرحلي تي جڏهن تحريڪ پرامن انداز ۾ مطالبا مڃرائڻ جي پوزيشن ۾ هئي، تشدد جو دروازو کولي اقتدار تي فوج جي گرفت مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ته نه پئي ڪئي وڃي؟ بنگلاديش جي موجوده صورتحال ۽ هر گهڙيءَ بدلجندڙ “مزاجن” جي حوالي سان پياري ڀاءُ محمد عامر حُسيني زميني حقيقتن تي ٻڌل تجزيو ڪيو. هُن يونيورسٽي اُستادن جي تنظيم جي ٻن وڏن اڳواڻن جو تفصيلي تعارف پڻ لکيو.
اسان جي نگاهه ۾ في الحال اهو آهي ته، ڇا، “ناانصافيءَ جي خاتمي بابت شاگرد ڪميٽي” ۾ بنگلاديش جون لڳ ڀڳ سموريون شاگرد تنظيمون شامل آهن، اُهي پنهنجي اخلاقي قوت ۽ عوامي مقبوليت، ٻنهي کي استعمال ڪندي پرتشدد ڪاررواين کي روڪي سگهنديون؟ 7 آگسٽ جي بنگلاديشي اخبارن ڍاڪا ۾ هوٽل ساڙڻ سان ٿيل جاني نقصان کان سواءِ به هڪ ٻي سنگين خبر ڏني، جيڪا اها ته، ملڪ جي ڪُجهه حصن ۾ عوامي ليگ جي حامين ۽ انهن جي ڪٽنبن جي ماڻهن جا 29 لاش مليا آهن. گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته ائين ٿو لڳي ته، شاگردن ۽ عوامي تحريڪ جي ڪاميابيءَ جي آڙ ۾ اُهي قوتون منظم ٿي تشدد کي هٿي ڏئي رهيون آهن، جن کي عوامي ليگ، يا ائين چئجي ته، شيخ حسينا واجد ديوار سان لڳائي ڇڏيو هو. سڌي ريت جماعت اسلامي ۽ ان جي حامي ۽ ذيلي تنظيمن تي الزام ڪو به نه پيو لڳائي پر پرتشدد واقعن ۾ اڳيان اڳيان رهندڙ ڪجهه چهرن جي سياسي پسمنظر جي ڪري سوال اُٿاريا پيا وڃن. 6 آگسٽ جي شام جو ايوان صدر ۾ جنهن 30 رڪني وفد صدر مملڪت سان ملاقات ڪئي، ان وفد مستقبل جي منظرنامي جي حوالي سان پنهنجون گذارشون تفصيل سان صدر مملڪت جي سامهون رکيون. انهن گذارشن کي ڪيتري پذيرائي ملي ٿي، اهو عبوري حڪومت جي اعلان کان پوءِ واضح ٿيندو. في الحال ان خدشي کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه آهي ته عوامي ليگ جي حامين کي اهڙين حالتن مان گذرڻو پوندو، جهڙي قسم جي حالتن مان انهن پنهنجي مخالفن کي گذاريو هو.
5 آگسٽ واري ڏينهن ظهور پذير ٿيندڙ تبديليءَ جا جيڪي منظر (تشدد، نفرتا، ڦُرلٽ) دُنيا ڏٺا، اُن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. ان صورتحال تي هڪ دوست چٿر ڪندي چيو ته، “دانشور اسان کي ٻُڌائيندا هئا ته، بنگلاديش آزادي حاصل ڪري اسان کان 100 سال اڳتي نڪري ويو آهي پر 5 آگسٽ وارن منظرن مان اهو صاف ظاهر ٿيو آهي ته، بنگلاديش پاڪستانين کان 16 مهينا پوئتي آهي”. ان اعتراضي جملي کي هڪ پاسي رکو هن وقت صورت اها آهي ته، شيخ حسينا واجد کي جلد از جلد ڀارت ڇڏڻ لاءِ چيو پيو وڃي. آمريڪا ان جي ويزا رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته برطانيا سياسي پناهه ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. بنگلاديش سپريم ڪورٽ بار جي صدر ڀارت کان شيخ حسينا واجد جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت باضابطه طور تي 6 آگسٽ جي ٽپهريءَ جو بنگلاديش جي فوجي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته ملڪ ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي، پرتشدد ڪاررواين کي روڪيو وڃي. بنگلاديش جي موجوده صورتحال کي خاص طور تي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڇا ناانصافي روڪڻ بابت شاگرد ڪميٽي، استادن جي تنظيم ۽ بنگلا طلباء فائونڊيشن جي محنت ۽ جدوجهد توڙي قربانين کي فوج ۽ ساڄي ڌُر تشدد پسند تنظيمون هائيجيڪ ڪري وٺنديون؟ بلڪل ائين ئي ٿيندو، جيئن ايراني تودا پارٽي پارٽيءَ سان ٿيو هو. ڊگهين ۽ صبر آزما قربانين سان ڀريل جدوجهد جو ثمر مذهبي قيادت حاصل ڪيو.
سوال ئي سوال آهن، البته اسان وٽ ڪجهه جمهوريت پسند، ان ۾ پيپلز پارٽيءَ جا ماڻهو به شامل آهن، جهڙي ريت حسينا واجد جي جاءِ تي فوج جي اچڻ تي ٽِپا ڏئي رهيا آهن، ڇا انهن جي فهم تي سوره فاتح نه پڙهي وڃي؟
نوٽ: جيئن ته هِي ڪالم 7 آگسٽ جي ٽپهريءَ تي لکيو ويو هو ۽ 8 آگسٽ تي تبديلي پسند بنگالين بنگال جي عظيم شاعر ۽ دانشور رابندر ناٿ ٽئگور جو مجسمو ٽوڙي ڇڏيو. 8 آگسٽ جي شام کان پوءِ گرامين بينڪ واري محمد يونس جي سربراهيءَ ۾ عبوري حڪومت ۾ جُڙي وئي، ان حڪومت ۾ ناانصافيءَ بابت شاگرد ڪميٽي ۽ يونيورسٽي استادن جي تنظيم کي به نمائندي ملي آهي.