لاهور (اسپورٽس نيوز)بنگلاديش خلاف 5 ميچن جي ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز لاءِ نائب ڪپتان محمد رضوان ۽ اسٽار بيٽسمين بابر اعظم کي ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جا اعليٰ عملدار بنگلاديش خلاف سيريز ۾ نوجوان ڪرڪيٽرن کي موقعو ڏيڻ جي حق ۾ آهن، تنهن ڪري اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي ٽيم مان ڊراپ ڪري سگهجي ٿو. بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته، ذريعن ٻڌايو آهي ته ٽيم انتظاميا سيريز جي شروعات لاءِ بابر ۽ رضوان کان علاوه ڪيترن ئي ٻين نالن تي غور ڪري رهي آهي. بابر اعظم ۽ رضوان کي نيوزي لينڊ خلاف سيريز ۾ آرام ڏنو ويو هو، پر ان جي باوجود، گرين شرٽس کي 1-4 جي بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ٽيم انتظاميا صائم ايوب، فخر زمان ۽ ممڪن طور تي صاحبزاده فرحان کي اوپننگ جون ذميواريون ڏئي سگهي ٿي،

 

 

جڏهن ته ٻين رانديگرن جهڙوڪ حسين طلعت، حسن علي، فهيم اشرف ۽ علي رضا کي به بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. واضح رهي ته پاڪ-بنگلاديش سيريز جا پهريان ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچ 25 ۽ 27 مئي تي فيصل آباد ۾ کيڏيا ويندا ۽ باقي ٽي ميچ 30 مئي، 1 جون ۽ 3 جون تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا. سڀئي ميچ مقامي وقت موجب رات 8 وڳي شروع ٿيندا.