بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين شاگردن جي مطالبي تي پارليمينٽ ٽوڙي ڇڏي

0
86

بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين شاگردن جي مطالبي تي پارليمينٽ ٽوڙي ڇڏي

 شاگرد تحريڪ صدر محمد شهاب الدين کي منجهند  3 وڳي تائين پارليامينٽ ٽوڙڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو، الٽيميٽم جو وقت پورو ٿيڻ کان اڳ صدر پارليمينٽ ٽوڙي ڇڏي

اڳوڻي وزيراعظم  ۽ اپوزيرشن ليڊر خالد ضياءُ کي آزاد ڪيو ويو، شاگرد تحريڪ جو ملڪ ۾ فوجي حڪومت قبول ڪرڻ کان انڪار، نوبل انعام يافته ڊاڪٽر محمد يونس جي قيادت هيٺ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو مطالبو

 شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن ناهيد اسلام، آصف محمود ۽ ابوبڪر مازوم دار چيو آهي ته ڊاڪٽر يونس عبوري حڪومت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

 ڊاڪٽر محمد يونس طرفان جلد وطن اچڻ جو اعلان، شيخ حسينه واجد جي استعيفي بعد وڳوڙي ڪارروايون جاري، چيف جسٽس جي گهر تي حملو، سامان  جي ڦرلٽ، شيرپور جيل تي حملو ڪري 500 قيدي فرار ڪرايا ويا

گذريل ڏينهن وڳوڙي ڪاررواين دوران 135 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين شهري زخمي  ٿيا هئا، صرف ٻن ڏينهن دوران مارجي ويل شهرين جو تعداد 231 ٿي ويو