ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن باضابطا طور سياست ۾ شموليت ڪري ورتي آهي ۽ هو حڪمران پارٽي عوامي ليگ ۾ شامل ٿي 7 جنوري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندو. هن ٽن تڪن مان فارم جمع ڪرايا آهن. ڇاترا ليگ جي صديق نظم العالم سندس سياست ۾ اچڻ جي تصديق ڪئي. شڪيب جي گهرڀاتين فارم جمع ڪرايا آهن.