بنگلاديش جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد يونس پئرس مان ڍاڪا پهچي ويو

0
59
بنگلاديش جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد يونس پئرس مان ڍاڪا پهچي ويو
بنگلاديش جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد يونس پئرس مان ڍاڪا پهچي ويو

شيخ حسينه واجد جي سرڪار جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد بنگلاديش جون واڳون سنڀالڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد يونس پئرس مان ڍاڪا پهچي ويو

 شيخ حسينه واجد جي سرڪار خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائيندڙ شاگردن پاران ڊاڪٽر محمد يونس جي پرجوش آجيان ڪئي وئي

ڊاڪٽر محمد يونس ملڪ جي عبوري سربراهه طور اڄ رات 15 رڪني ڪابينا سوڌو حلف کڻندو

 ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد يونس چيو ته شاگردن ملڪ کي بچائي ورتو آهي، هاڻي ملڪ جي آزاديءَ جي حفاظت ڪرڻي آهي، هڪ سازش تحت ملڪ ۾ اقليتن تي حملا ڪيا ويا، هاڻي اسان کي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻو آهي